SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رگ ويد


:جامع سنڌي لغات ۾

رگ ويد

رگ ويدُ

اسم خاص. [سن] هندن جو هڪ ڌرمي ڪتاب ، چئن ويدن ۾ پهريون ويد رگ ويد، سام ويد، يجر ويد ۽ اٿر ويد.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

رگ ويد

(Rig Veda)

هزارين سال اڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکيل مذهبي رچنائن جي چئن مجموعن: ”رگ ويد“، ”سام ويد“، ”يجر ويد“ ۽ ”اٿر ويد“ مان پهريون مجموعو آهي. رگ ويد ۾ 10000 ڏھ هزار منتر يا مناجاتي گيت آهن. اهو ويد مڪمل نظم جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ هندن جي خدائن جي تعريف ۽ بزرگيءَ متعلق گيت جمع ڪيا ويا آهن ۽ ديوتائن کي مخاطب ڪري کانئن دعائون طلب ڪيون ويون آهن. رگ ويد باقي سڀني ويدن ۾ سڀ کان پراڻو آهي. هن ويد ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جو ذڪر پڻ ملي ٿو.


Remember Me Also:

تقدير

ث. [ع. تَقدير جمع تَقادير] ڌڻيءَ طرفان مقرر ٿيل ، ڀاڱو يا حصو. الاهي حڪم. مقدر ، لکيو. ڀاڳ ، بخت. نصيب ، قسمت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal